ڪاڇي جي ڳوٺ بري جي رهواسي عورتن معصوم ٻارڙن سميت جوهي پهچي پٽ گُل محمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

johi

 ڪاڇي جي ڳوٺ بري جي رهواسي عورتن معصوم ٻارڙن سميت جوهي پهچي پٽ گُل محمد پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ بري جي رهواسي  عورتن فوزيه لغاري، مومل ۽  ليلي لغاري جي اڳواڻي ۾ فاضل چونڪ تي احتجاج ڪرڻ بعد جوهي ٿاڻي تي پهچي پٽ گل محمد پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته پٽ گُل محمد ٿاڻي جي اهلڪار گلشير لغاري ذاتي اڻبڻت تان پورهيت محمد لغاري مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرايو آهي.

  هنن الزام هنيو ته ڄاڻايل پوليس جمعدار اڳ به سندن گهرن کي باهه ڏني هئي، جنهن جو پوليس ڪيس به نه ورتو وري ٻيهرظلم ڪيو پيو وڃي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺاڻن سان زيادتين جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*