ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان 3 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل پيرسن جو پتو نه پيو

ڪراچي جي قائد آباد واري علائقي مان 3 مهينا اڳ پُراسرار نموني گم ٿي ويل پيرسن جو پتو نه آهي پئجي سگهيو، وارثن چيو ته پيرسن جي ڳولا لاءِ هو مخلتف ٿاڻن تي ويا آهيون پر هن مهل تائين ڪوبه پتو ناهي پئجي سگهيو.

قائد آباد ڀرسان شيرپائو ڪالوني واسي پُراسرار نموني گم ٿيل پيرسن حاجي ولي محمد سيال جا وارث انور سيال، جمال سيال ملير آفيس پهچي اهڙو اطلاع ڏنو.

پيرسن جي وارثن جو چوڻ هو ته هنن مختلف ٿاڻن تي اهڙو اطلاع ڏنو آهي، پر پوليس هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو نه آهي ڪيو، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پيرسن جي ڳولا لاءِ مدد ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*