جهڏي ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪارڪنن تي ڪيسن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي
جهڏي ۾ عوامي تحريڪ طرفان ڪارڪنن تي ڪيسن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ڪيسن سان سندن جدوجهد تي ڪو به فرق پوندو ۽ هو عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جار ي رکندا.
عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ممتاز کوسو، محب ڀيل ، پهلاج ڪولهي، ۽ شاهد ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ مير پور خاص ضلعي ۾ ڪاڪنن تي ڪيسن خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مطاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن تي ڪيسن سان عوامي تحريڪ تي ڪو به فرق نه پوندو.
هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪارڪنن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن….