پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڪشمير صورتحال تي گڏيل پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ

bilawal media talk

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڪشمير صورتحال تي گڏيل پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ مستقل پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي.

وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل سياسي پارٽين جي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن، پر پيپلز پارٽي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي خلاف حڪومت سان گڏ آهي.

هن چيو ته ڀارت ڪنٽرول لائين تي مسلسل اڳرايون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين مٿان ظلم ڪيو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏيڻ تي وزير اعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته والاريل ڪشمير مسئلو ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجي، ويڙهه مسئلي کي ويتر ڳنڀير بڻائي ڇڏيندي.

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙين ۽ والاريل ڪشمير صورتحال تي گڏيل پارليامينٽ جي قومي سلامتي بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ ۽ مستقل پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته ڪنٽرول لائين تي ڀارتي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*