حڪومت، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تسليم ڪري ورتو، وزيراعظم سان ملاقات دوران ڊاڪٽر فاروق ستار چيو

isb pm farooq sattar

حڪومت، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تسليم ڪري ورتو، وزيراعظم سان ملاقات دوران ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي.

پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار ملاقات ڪئي، جنهن دوران اسحاق ڊار به شريڪ هو.

ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪري رهي آهي، حڪومت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪوششن کي تسليم ڪري.

وزير اعظم نواز شريف فاروق ستار سان مخاطب ٿيندي چيو ته حڪومت اوهان جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان کي تسليم ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته ڪراچي ۾ جٽادار امن جي بحالي لاءِ سهڪار جاري رکيو ويندو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*