سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايِ سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ayan-ali

سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايِ سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،جيڪو اڄ ئي ٻڌايو ويندو، لطيف کوسا چيو آهي ته حڪومت جي غلام بڻيل بيوروڪريسي عدالتي حڪمن تي عمل نه پئي ڪري پر کين عدالتن مان انصاف ملڻ جي اميد آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ايان علي پاران داخل ڪيل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو اڄ ئي ٻڌايو ويندو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته بيوڪريسي حڪومت جي غلام بڻيل آهي، جيڪا عدالتي حڪمن کي نه ٿي مڃي پر کين يقين آهي ته عدالتون ايان علي کي انصاف فراهم ڪنديون.

ايل او سي جي صورتحال تي ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته ڀارت ڪابه اڳرائي ڪئي ته پاڪستاني قوم کيس منهن ٽوڙ جواب ڏيندي.

لطيف کوسا چيو ته حڪومت پاران پارلياماني پارٽين جو اجلاس گهرائڻ سٺو سنوڻ آهي پر اجلاس گڏيل قومن ۾ وڃڻ کان اڳ گهرايو وڃي ها ته وڌيڪ بهتر هو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*