گذريل ڏينهن ڪينجهر ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويلن مان هڪ ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته اڃا عورت جي لاش جي ڳولا جاري آهي

گذريل ڏينهن ڪينجهر ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب ٻڏي ويلن مان هڪ ٻارڙي جو لاش هٿ آيو آهي، جڏهن ته اڃا عورت جي لاش جي ڳولا جاري آهي.

درگاهه امير پير تي حاضري ڀري موٽندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 14 ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جن مان 10 ڄڻن کي مقامي ماڻهن بچائي ورتو.

ٻڏي ويلن مان 4 سالن جِي نينگري نيامت، 6 ورهين جِي تسڪين ۽ 2 سالن جَي نينگر صدورو جا لاش هٿ ڪيا ويا، جڏهن ته سندن امڙ 37 ورهين جِي شرما زال صيفل جي ڳولا جاري آهي.

ٻڏي ويل ڪٽنب جو تعلق ڳوٺ سنهري سان آهن، جتي هٿ آيل لاشن جي تدفين ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*