قومي اسيمبلي ۾ اميگريشن قانون ۾ ترميم ۽ پورهيتن جي معذور شهرين جي حقن بابت اسپيشل پرسن بل پيش ڪيا ويا

قومي اسيمبلي ۾اميگريشن قانون ۾ ترميم ۽ پورهيتن جي معذور شهرين جي حقن بابت اسپيشل پرسن بل پيش ڪيا ويا آهن، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، ايوان ۾ ميمبرز جي غير حاضري تي احتجاج ڪندي چيو آهي ته هڪ طاقتور وزير پارليامينٽ اچڻ کان صاف انڪار ڪري رهيو آهي، وزيراعظم فرنٽ لائين تي غير حاضر رهندڙ وزيرن کي معطل ڪري.

ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ اڄ به حڪومت جي اڪثر ميمبرن شرڪت نه ڪئي.

اجلاس جي شروعات ۾ ڊپٽي اسپيڪر شاهه محمود قريشي ۽ شيرين مزاري سميت 5 ميمبرن جي چاليهه ڏينهن کان غير حاضري جو اعلان ڪيو ويو.

ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏني ته پنج ئي ميمبر چاليهن ڏينهن کان ايوان نه اچي رهيا آهن، اهي ميمبرز آئين تحت نااهل به ٿي سگهن ٿا.

اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ميمبرن جي غير حاضري تي احتجاج ڪندي چيو ته ايوان کي اهميت نٿي ڏني وڃي، هڪ طاقتور وزير چوي ٿو ته پارليامينٽ نه ويندو، ڇا اهو ايوان جو احترام آهي.؟

خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف ايوان ۾ نه ايندڙ فرنٽ لائين جي وزيرن کي معطل ڪري.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته گهرو وزير ايوان ۾ نه ايندڙ ميمبرن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي هئي، ميمبرز جي ايوان ۾ نه اچڻ تي ڳڻتي آهي.

خورشيد شاهه، ڊپٽي اسپيڪر ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته ميمبر ايوان ۾ نٿا اچن، پوءِ توهان جي ويهڻ جو ڪهڙو فائدو، بهتر هوندو ته اجلاس ملتوي ڪيو وڃي.

ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اسپيڪر جي ڪرسي ڪمزور ناهي، ميمبرز جو نه اچڻ حڪومت جي ڪمزوري آهي.

ايوان ۾ فاٽا ميمبرز پاران آءِ ڊي پيز جا مسئلا حل نه ٿيڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي گورنر جي رويي خلاف واڪ آئوٽ ڪيو ويو، پ پ ميمبرز به فاٽا جي حق ۾ واڪ آئوٽ ڪري ويا.

فاٽا ميمبر شاهه گل آفريدي چيو ته خيبرپختونخواهه جو گورنر مسئلن جي حل ۾ رڪاوٽ آهي، کين رستن تي اچي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.

اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي اعجاز جکراڻي اميگريشن قانون ۾ ترميم وارو بل پيش ڪيو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد اجلاس سڀاڻي 11 هين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*