باقراڻي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو

bakrani tma pro

باقراڻي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڌرڻو هنيو.

اياز علي شاهه، بخش چانڊئَي ۽ راحب هيسباڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ملازمن 15هين ڏينهن به احتجاجي جلوس ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل ٻن مهينن کان ٽائون آفيسر مقرر نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب ملازمن کي پگهارون جاري نه ٿي سگهيون آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته جلد  ٽائون آفيسر مقرر ڪري ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

ملازمن پاران ڪم ڇڏ هڙتال سبب آفيس جو ڪارونهوار ٺپ آهي، باقراڻي ۽ آريجا ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*