سياسي پارٽين ڀارتي جارحيت خلاف حڪومت سان سهڪار جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي

siraj and shah mehmod

سياسي پارٽين ڀارتي جارحيت خلاف حڪومت سان سهڪار جاري رکڻ جو عزم ڪيو آهي،  اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، پاڪستان هر قسم جي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪارگل واقعو سنڌطاس معاهدي کي نقصان نه پهچائي سگهيو هو، مودي جون سازشون به ناڪام وينديون.

اسلام آباد ۾ پارليماني پارٽين جي سربراهي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر خورشيد چيو ته پاڪستان جي سفارتي مشن کي فوري طور بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ سموري قوم هڪ پيج تي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم جنرل اسيمبلي ۾ ڪشمير معاملو بهتر انداز ۾ اٿاريو، سندس حوصلن کي سلام پيش ڪجي ٿو.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪنٽرول لائين تي فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڀارتي اڳرائين جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگهه رکي ٿو.

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته اجلاس ۾ سفارتي ڪمزورين جي نشاندهي ڪئي وئي.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ بندوق جي زور تي ڪشميرن کي خود اراديت واري مطالبي تان هٿ نٿو کڻائي سگهي، پاڪستان ڪشميرن جي حمايت جاري رکندو.

سندس چوڻ هو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ڀارت جي بلوچستان  ۾ مداخلت واري معاملي تي ويچاريو ويو، جڏهن ته ڪلڀوشن ياديو جي بيان جو به جائزو ورتو ويو.

شاهه محمود قريشي چيو ته اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن، پر ملڪي سالميت ۽ دفاع لاءِ تحريڪ انصاف حڪومت سان گڏ بيٺل آهي.

هن چيو ته کين وزير اعظم نواز شريف جي حب الوطني تي يقين آهي، نواز شريف جو جنرل اسيمبلي ۾ خطاب سٺو سنوڻ هو، تحريڪ انصاف سندس تعريف ڪري ٿي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت مسلسل ڪنٽرول لائين تي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جاري هئڻ تي ڳڻتي آهي.

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، ڀارت جي رياستي دهشتگردي خلاف پاڪستان عالمي برادري کي مثبت پيغام ڏي……………………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*