اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته پاڪستان لاءِ جمهوريت موزون نه آهي، نالي ماتر جمهوري حڪومتن جي خراب حڪمراني سبب سدائين فوج کي ڪردار ادا ڪرڻو پيو آهي

Musharaf-30716

اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو آهي ته پاڪستان لاءِ جمهوريت موزون نه آهي، نالي ماتر جمهوري حڪومتن جي خراب حڪمراني سبب سدائين فوج کي ڪردار ادا ڪرڻو پيو آهي، پاڪستان جي نظام ۾ ڪو چيڪ اينڊ بيلينس ئي نه آهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي پرويز مشرف چيو ته فوج پاڪستان جي حڪمراني ۾ سدائين اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت هتان جي ماحول جي مطابق موزون نه آهي.

اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو ته سمورين نالي ماتر جمهوري حڪومتن جي خراب حڪمراني سبب فوج کي ڪردار ادا ڪرڻو پيو.

هن چيو ته پاڪستان جي فطري ڪمزوري اها آهي ته جمهوريت هِن ملڪ جي ماحول جي مطابق موزون نه آهي ۽ هن ملڪ جي نظام ۾ ڪو به چيڪ اينڊ بيلينس نه آهي، آئين مان به ان چيڪ اينڊ بيلينس ۾ مدد نه ملندي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته فوج کي مجبور ٿي سياست ۾ اچڻو پوندو آهي.

پرويز مشرف چيو ته خراب حڪمراني سبب عوام به آرمي چيف ڏانهن ڏسندو آهي ۽ اهڙي طرح فوج سياست ۾ اچي ويندي آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي اهم معاملن ۽ ضرورتن موجب هڪ سياسي ڍانچو جوڙڻو پوندو ۽ چيڪ اينڊ بيلينس نظام قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن فوج کي سياست ۾ اچڻو نه پوندي.

اڳوڻي صدر چيو ته کيس فخر آهي ته فوج سندس ساٿ ڏنو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو 40 سال فوج سان گڏ رهيو، پاڪستان جي قوم فوج سان محبت ڪري ٿي ۽ ان مان اميدون به رکي ٿي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*