ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ امن امان سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي

khi cm core

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪري سنڌ امن امان سميت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار  سي ايم هائوس پهچي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار  وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات دوران محرم الحرام دوران سڪيورٽي سميت امن امان جي مجموعي صورتحال ۽  ڪراچي ۾ جاري آپريشن جي ٻئين مرحلي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

وڏي وزير ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين ڪراچي آپريشن جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*