قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ کي برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي

hyd ayaz latif

قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو قومي عوامي تحريڪ کي برقرار رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هو پُٽ جي حيثيت سان رسول بخش پليجو جي عزت ڪري ٿو، پر رسول بخش پليجو جي چوڌاري پيپلزپارٽي جي خريد ڪيل ماڻهن جو گهيرو آهي ۽ اهي ئي کيس ڊڪٽيٽ ڪري رهيا آهن، کائنس وک وک ٿي پڇاڻو ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته پ پ خلاف عملي طور تي ڪجهه به ڪري.

حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اياز لطيف پليجو چيو ته رسول بخش پليجو جي چوڌاري پيپلزپارٽي جي خريد ڪيل ماڻهن جو گهيرو آهي ۽ اهي ئي کيس ڊڪٽيٽ ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته رسول بخش پليجو ڪڏهن ڪڏهن گهيرو ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو پر پيرسن هجڻ ڪري هو ائين نه ٿو ڪري سگهي.

اياز لطيف پليجو چيو ته 2009 ۾ ڪنڌڪوٽ کان شروع ٿيل لانگ مارچ جي پهريون ڀيرو قيادت ڪئي، ان دوران سڀني کي پنهنجو ڪوٺيو ته ان تي پڇاڻو ڪيو ويو.

هن چيو ته 2012 ۾ ذوالفقار آباد رٿا، خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو ته پڇاڻو ڪيو ويو، جڏهن ته عمران خان، نواز شريف، مرتضيٰ ڀٽو، قادر مگسي، بشير قريشي سميت سمورن سياستدانن جي گهر اچڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪندي سخت لهجي ۾ پڇاڻو ڪيو ويو.

اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف 10 ڏينهن ڌرڻي بعد بلاول هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪرڻ تي ايس ايس پي حيدرآباد فون ڪري چيو ته ڌرڻو ملتوي ڪريو، اوهان کي ڪراچي وڃڻ نه ڏنو ويندو.

هن چيو ته 1991 ۾ معاهدو ڪيو ويو هو ته هو چونڊ نه وڙهندا، باقي رڳو جدوجهد ڪئي ويندي.

اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته کيس چيو ويو ته ميڊيا تي پ پ خلاف ڳالهائڻ قبول نه ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪرپشن خلاف به ڳالهائڻ کان بار بار روڪيو ويو.

هن چيو ته فنڪشل ليگ سان اتحاد توڙي ان وٽ وڃڻ تي اعتراض ڪيو ويو، جڏهن ته پير شاهه مردان شاهه وٽ اسان جي قيادت ويندي رهي هئي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ غلام محمد مهر سان به بزرگ قيادت گڏجي سياست ڪئي آهي.

هن چيو ته ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس جي سنڌ سرڪار به تعريف ڪئي آهي، سڌ سماءَ جي صلاحڪار چيو آهي ته اياز لطيف پليجو جي تربيت درست ناهي ٿي.

اياز لظيف پليجو چيو ته هو ذوالفقار آباد رٿا، ڪرپشن ۽ نوڪريون وڪرو ڪندڙن خلاف احتجاج ڪندڙن سان هر موڙ تي گڏ آهي، جڏهن ته سنڌ جي حقن لاءِ جان ڏيندڙ سورهيه بادشاهه ۽ بشير قريشي سميت سمورن شهيدن کي پنهنجو سمجهي ٿو.

اياز لطيف پليجو چيو ته پ پ حڪومت خلاف جيڪو اٿي ٿو ان کي عهدا ۽ زمينون ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو پر هو ۽ سندس ساٿي نه وڪرو ٿيا آهن ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندا.

هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجهد جاري رهندي، سنڌ جا ماڻهو پاڻ فيصلو ڪن ته ذوالفقار آباد ۽ ڪرپشن خلاف ڪير وڙهي رهيو آهي.

هن چيو ته قومي عوامي تحريڪ برقرار رهندي ۽ هو جلد پنجاب ۽ خيبرپختونخوا سيمت پوري ملڪ ۾ ويندا ۽ ڏتڙيل عوام جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندا…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*