شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اردو ادب جي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس شروع ٿي وئي

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ اردو ادب جي ٻن ڏينهن واري بين الاقوامي ڪانفرنس شروع ٿي وئي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل 63 اسڪالرز شرڪت ڪئي آهي.

اردو ادب جي بين الاقوامي ڪانفرنس جو هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر مختار احمد  افتتاح ڪيو جڏهن ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه ڪانفرنس جي صدارت ڪري رهي آهي.

ڪانفرنس ۾ آمريڪا، اسپين، مصر، يو ڪي، برطانيه، سعودي عرب، جرمني ترڪي، بنگلاديش، ايران، ڪينڊا سميت دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل 63 اردو اسڪالرز شرڪت ڪئي آهي.

ڪانفرنس ۾ مهمان خاص طور آمريڪا جي ڊاڪٽر ستيا پال آنند، سوئيڊن جي پروفيسر هينز ورنرويسلر، ڊاڪٽر رضا ڀٽي، پروفيسر محمد يوسف خشڪ شرڪت ڪئي.

 مقررين خطاب ڪندي چيو ته اردو سڄي دنيا جي ماڻهن وچ ۾ رابطي ڪرڻ جي ٻولي آهي ۽ اردو ادب وسيع ۽ شاهڪار آهي.

هنن چو ته  دنيا جي سڃاڻپ اردو ادب ۽ اردو زبان سان ٿئي ٿي، اردو جي نالي سان ڪا قوم يا رياست نه هجڻ جي باوجود اردو ٻولي دنيا جو سنگم آهي.

 هنن چيو ته اردو ادب سڄي دنيا ۾ وڏي چاهه سان پڙهيو وڃي ٿو، علامه اقبال، مرزا غالب، فيض احمد فيض، پروين شاڪر ۽ ٻيا وڏا وڏا شاعر اردو ٻولي جا شاعر آهن. ڪانفرنس ۾ صدف مرزا ڊينمارڪ، ڊاڪٽر هينز ورنر ويسلر سوئيڊن، مهجبين برطانيه، ڊاڪٽر ابراهيم محمد ابراهيم مصر، محمد مختار علي سعودي عرب، ڊاڪٽر فرزانه اعظم لطفي ايران، ڊاڪٽر خليل طوقار ترڪي جا محقق شاهه عبداللطيف يونيورسٽي پهچي ويا. ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن تي بين الاقوامي مشاعري سميت 4 نشتون ٿينديون. جنهن ۾ پرڏيهي ۽ ڏيهي اسڪالر پنهنجون تخليقون پيش ڪندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*