ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس ظاهر ٿي ويا

ملڪ ۾  پوليو وائرس جا وڌيڪ 6 ڪيس ظاهر ٿي ويا آهن، صحت کاتي موجب سنڌ، پنجاب، ڪي پي ۽ فاٽا ۾پوليو جا 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ملڪ اندر نئين سال جي پهرين مهيني دوران پوليو متاثرن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو آهي.

صحت کاتي موجب، سنڌ ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي تعلقي ڪنڊيارو جي يوسي گهانگهرو واسي 10مهينن عبدالعليم لنڊ کي پوليو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي.

 صحت کاتي موجب، خيبر پختوخواهه ۽ فاٽا ۾ وڌيڪ چئن ٻارڙا ۾ پوليو وائرس هئڻ جي تصديق ٿي، جڏهن ته پنجاب مان به هڪ ٻارڙي کي پوليو وائرس ظاهر ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*