صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ويجهڙائي ۾ دبئي جون حالتون خراب ۽ ڪراچي جون بهتر ٿينديون

manzor wassan

صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ويجهڙائي ۾ دبئي جون حالتون خراب ۽ ڪراچي جون بهتر ٿينديون، 2018ع جي چونڊن ۾ بلاول ڀٽو زرداري بازي کڻي ويندو ۽ پيپلز پارٽي ڇڪو هڻندي.

صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير منظور وساڻ جي صدارت هيٺ ڪراچي سائيٽ زون ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سينيٽر سينيٽر عبدالحسيب، آفيسرن، واپارين ۽ صنعتڪارن شرڪت ڪئي.

صوبائي وزير واپاري برادري کي خاطري ڪرائي ته ڊرينيج، پاڻي ۽ روڊن سميت سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا، اهي پنهنجو ڪاروبار ڪراچي منتقل ڪن.

صوبائي وزير منظور وساڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ويجهڙائي ۾ دبئي جون حالتون خراب ۽ ڪراچي جون حالتون وڌيڪ بهتر ٿينديون.

هن چيو ته 2018ع ۾ بلاول ڀٽو زرداري سڀني کان بازي کڻي ويندو ۽ پيپلز پارٽي ڇڪو هڻندي.

منظور وساڻ چيو ته کيس سمجهه ۾ نٿو اچي ته وزيراعظم پاناما ليڪس تي ڇو نٿو وڌڻ چاهي، ڪنهن کي به غلط فهمي ۾ رهڻ نه گهرجي، احتساب ضرور ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*