نوابشاهه جي دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ سانگهڙ سانحي واري ڪيس ۾ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي سميت 17 جوابدار پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

Nawabshah map

نوابشاهه جي  دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ سانگهڙ سانحي واري ڪيس  ۾ ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي سميت 17 جوابدار پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سانگهڙ ٿاڻي تي اليڪشن مهم  ۾ ريلي دوران فائرنگ ۾ ٻن پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻن جي مارجڻ واري داخل ڪيس جي ٻڌڻي نوابشاهه ۾ دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي وريام فقير خاصخيلي، اڳوڻو ايم اين اي غلام دستگير راڄڙ، اڳوڻو ايم پي  اي علي غلام نظاماڻي، ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين دلبر خان نظاماڻي سميت 17 جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت بنا ڪنهن ڪارروائي جي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*