قومي اسيمبلي اقليتن جي جبري شادين ۽ مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي

National-Assembly-2816

قومي اسيمبلي اقليتن جي جبري شادين ۽ مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ اقليتي برادري جو زبردستي مذهب مٽائڻ وارا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، جن کي روڪڻ لاءِ  قدم کنيا وڃن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اقليتن واري وزير لال چند مالهي اقليتن جي جبري شادين ۽ مذهب تبديل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.

ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ اقليتي برادري جو زبردستي مذهب مٽائڻ وارا واقعا معمول بڻجي چڪا آهن، دنيا جو ڪوبه مذهب زبردستي مذهب مٽائڻ کان روڪي ٿو، جڏهن ته اسلام به هن ڳالهه جي اجازت نٿو ڏي.

ايوان ۾ ڀاشا ڊيم جي جلد اڏاوت ۽ سوات ايئرپورٽ جو نالو شهيد ميجر جنرل ثناءُ الله نيازي رکڻ وارن ٺهرائن جي منظوري ڏني وئي.

ڊپٽي اسپيڪر عورتن کي سندن حق ڏيارڻ بابت ڪميشن جي قيام وارو بل لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪندي ايوان جي ڪارروائي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*