خانواهڻ مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ راجا منگي جي آزادي لاءِ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

mangi

خانواهڻ مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران کنڀي گم ڪيل جسقم اڳواڻ راجا منگي جي آزادي لاءِ  ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ڪارڪنن مک چوڪ کان ريلي ڪڍي شهر جي مختلف روڊن روستن جو گشت ڪرڻ کانپوءِ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته جسقم اڳواڻ راجا منگي کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو ڪوبه ڏس پتو ناهي ٻڌايو ويو.

هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن قومي ڪارڪنن خلاف بنا جواز آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، بيگناهه ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن.

هنن چيو  ته هڪ مهيني کان مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود جسقم اڳواڻ راجا منگي کي آزاد ناهي ڪيو ويو، جيڪا قومي ڪارڪنن سان نا انصافي آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته راجا منگي کي فوري طور آزاد ڪري قومي ڪارڪنن خلاف بنا جواز ڪاررواين جو سلسلو بند ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*