ملير ۾ پورٽ قاسم ڀرسان 2 ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا

malir budhi lash

ملير ۾ پورٽ قاسم ڀرسان 2 ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جا لاش هٿ ڪيا ويا.

2 ڏينهن اڳ پورٽ قاسم ڀرسان درگاهه شاهه حسن وٽان سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران 3 ڄڻا ٻڏي ويا هئا، جن مان هڪ عبدالحميد کي موقعي تي موجود ماڻهن بچائي ورتو.

ٻڏي ويل ٻن ڄڻن عاقب ۽ منصور جا لاش اڄ هٿ ڪيا ويا، جيڪي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا.

انتظاميا موجب ٻڏي فوت ٿيل ٻئي ڄڻا ڪراچي جي موچڪو واري علائقي جا رهواسي هئا، جيڪي اونهي پاڻيءَ ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*