سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي رياض پيرزاده

بين الصوبائي وزارت، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن خط لکي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو فوري طور اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، رياض پيرزاده چيو آهي ته سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

بين الصوبائي رابطن واري وزير رياض پيرزاده، وزيراعظم سيڪريٽريٽ ڏانهن خط لکيو آهي، جنهن ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس فوري طور گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته 18 هين ترميم تي عملدرآمد ۽ آدمشماري واري معاملن تي گڏيل مفادن وارو اجلاس گهرايو وڃي.

خط موجب، 90 ڏينهن کانپوءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ لازمي هوندو آهي پر حڪومت ڪيترن  مهينن کان سي سي آءِ جو اجلاس ناهي گهرايو، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

واضح رهي ته آئين تحت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 90 ڏينهن اندر گهرائڻو هوندو آهي پر نواز ليگ سرڪار اچڻ کانپوءِ رڳو هڪ ڀيرو سي سي آءِ جو اجلاس ٿيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*