پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي

sartaj aziz

پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين مٿان ظلم ڪري رهيو آهي، بندوق جي زور تي ڪشميرن کي خود اراديت واري مطالبي تان هٿ نٿو  کڻائي سگهجي.

برسلز ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سرتاج عزيز چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ خطي ۾ پرامن پاڙيسري چاهي ٿو.

هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ ڪرفيو برقرار هئڻ سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي.

سرتاج عزيز چيو ته ڀارتي فوج برهان واني کي شهيد ڪيو، جنهن کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان والاريل ڪشمير جو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل چاهي ٿو، ڀارت جي رياستي دهشتگردي ڪنهن به ريت برداشت نه ڪئي ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*