نوري آباد ويجهو 4 گاڏين جي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءُ ۽ هڪ ٻارڙي سميت 4 ماڻهو فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا

noria bad hadso

نوري آباد ويجهو 4 گاڏين جي ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ڌيءُ ۽ هڪ ٻارڙي سميت 4 ماڻهو فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ وين جو ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن بعد ٻي وين ۽ هڪ ڪار به ٽڪرائجي ويون.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن ۽ هڪ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين ۾ ڪوٽڙي جي سڪندر آباد علائقي جون رهواسڻ 65 ورهين جي فاطمه ۽ 18 ورهين جي سندس ڌيءُ ناديا پٺاڻ، ڪراچي واسي چئن ورهين جي ٻارڙي سويرا ۽ وين جو ڊرائيور محمد صادق شامل آهن.

حادثي جي زخمين ۾ حيدرآباد جي لطيف آباد 9 جي رهواسڻ زيبا منور عباس، سندس ڌيءُ ماهنور عباس، پٽ راحت نور، عباس جاويد، راحت علي، قربان، امان الله، فاطما، زبيده ۽ عابدا سميت ٻه ٻار سرور ۽ فريدا شامل آهن، جن کي حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

فوتين جا لاش نوري آباد اسپتال مان ايمبولينس ذريعي ڪراچي ۽ ڪوٽڙي نيا ويا……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*