ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪستان دشمني خلاف ناليوارو اداڪار اوم پوري ۾ ميدان ۾ لهي پيو آهي

om-puri7591

ڀارت جي جنگي جنون ۽ پاڪستان دشمني خلاف ناليوارو اداڪار اوم پوري ۾ ميدان ۾ لهي پيو آهي. هڪ ڀارتي ٽي وي جي پروگرام دوران ڳالهائيندي اوم پوري چيو ته جنگي جنون ۾ ورتل ماڻهو پاڪستان ۽ ڀارت کي به فلسطين ۽ اسرائيل بڻائڻ گهرن ٿا.

ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اوم پوري چيو ته پاڪستاني فنڪارن کي ملڪ نيڪالي جون ڌمڪيون ڏيندڙ ٻڌائين ته ڀارتي سرڪار پاڪستاني فنڪارن کي ويزائون ڇو جاري ڪيون آهن.

پروگرام دوران ٽي وي جو اينڪر ۽ ڪجهه مهمان تعصب پرستي جو مظاهرو ڪندي اوم پوري کي گٿا لفظ ڳالهائيندا رهيا.

اوم پوري ٽي وي اينڪر ۽ مهمانن جي تعصبي روئيي خلاف احتجاج طور پروگرام اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*