ڀارت جي جنگي جنون کي منهن ڏيڻ بابت گڏيل حڪمت عملي تي پارليامينٽيرينز کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ اڄ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي

National-Assembly-2816

ڀارت جي جنگي جنون کي منهن ڏيڻ بابت گڏيل حڪمت عملي تي پارليامينٽيرينز کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ اڄ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي.

پارليامنٽ هائوس اسلام آباد ۾ اڄ شام پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ حڪومت والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف کنيل قدمن ۽ سرحدن جي صورتحال تي پارليامينٽرينز کي اعتماد ۾ وٺندي.

بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ منجهند 2 وڳي پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ موقف پيش ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندو ۽ پارليامينٽ جي گئلري ۾ ويهي اجلاس جي ڪارروائي ڏسندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*