ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران چئن ڏوهارين سميت 18 شڪي ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

police

ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ پوليس ڪاررواين دوران چئن ڏوهارين سميت 18 شڪي ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڪورنگي جي زمان ٽائون ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٽن ڏوهارين شاهو، ڪامران ۽ رمضان کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار  ۽ دستي بم هٿ ڪري ورتا.

پوليس بلديه ٽائون ۾ به ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو.

پوليس موجب گرفتار ڪيل ڏوهاري اسٽريٽ ڪرائم سميت مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن.

بوٽ بيسن ۾ پڻ پوليس ڪارروائي ڪندي گهربل ڏوهاري شاهد خان کي گرفتار ڪري ورتو.

لياقت آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، جن کي پڇاڳاپا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*