پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

imran khan

پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته پاناما ليڪس ۾ نالو اچڻ بعد نوازشريف اخلاقي جواز وڃائي ويٺو آهي، موجوده وزير اعظم جي ايوان ۾ موجودگي تي شرڪت نٿا ڪري سگهن.

پي ٽي آءِ جي ترجمان نعيم الحق پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي.

پي  ٽي آءِ سربراهه چيو ته تحريڪ انصاف قوم سان ڪوڙ ڳالهائنيدڙ نوازشريف جي موجودگيءَ ۾ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندي.

هن چيو ته نوازليگ وٽ هن وقت 2 آپشن آهن نوازشريف اپوزيشن جي ٽي او آرز تي احتساب لاءِ تيار ٿئي يا وري نواز ليگ ٻيو ڪو وزيراعظم آڻي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جو اسلام آباد مارچ بابت خميس ڏينهن اجلاس سڏايو آهي، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويندا.

عمران خان چيو ته خدشن باوجود شاهه محمود قريشيءَ کي پارلياماني پارٽين جي اجلاس ۾ موڪليو ۽ دنيا ڏانهن پيغام  موڪليو ته ڪشمير معاملي تي اسان سڀ متحد آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*