ڪراچي جي احتساب عدالت سُڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اڳوڻي ڊائريڪٽر انيتا بلوچ

sharjeel memon

ڪراچي جي احتساب عدالت سُڌ سماءَ واري کاتي ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ، اڳوڻي ڊائريڪٽر انيتا بلوچ، سارنگ لطيف  چانڊيو ۽ الطاف ميمڻ سميت 11 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سمورن مفرور جوابدارن کي 19 آڪٽوبر تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

احتساب عدالت  نيب پاران سڌ سماءَ واري کاتي ۾ اشتهارن جي ورڇ ۾ 5 ارب رپين جي ڪرپشن خلاف داخل ڪيل ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي  سڌ سماءَ واري اڳوڻي وزير شرجيل ميمڻ،اڳوڻي ڊائريڪٽر انيتا بلوچ، سارنگ لطيف  چانڊيو ۽ الطاف ميمڻ سميت 11 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

عدالت سمورن جوابدارن کي 19 آڪٽوبر تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*