ڪراچي جي عزيز آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي دوران پاڻي جي ٽانڪي ۾ لڪايل هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو

khi hatiyar

ڪراچي جي عزيز آباد واري علائقي ۾ پوليس ڪارروائي دوران پاڻي جي ٽانڪي ۾ لڪايل هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪري ورتو، هٿ ڪيل هٿيارن ۾ راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، رائيفلز ۽ سوين گولين شامل آهن، پوليس موجب هٿيار ڪراچي ۾ بدامني لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.

پوليس موجب عزيز آباد واري علائقي ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران پاڻي جي ٽانڪي ۾ لڪايل هٿيارن جو ذخيرو هٿ ڪيو ويو.

پوليس موجب هٿ ڪيل هٿيارن ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنز، راڪيٽ لانچر، ايس ايم ڪي رائيفلز، بلٽ پروف جيڪيٽس ۽ سوين گوليون شامل آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته هٿيار ڪراچي ۾ بدامني لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*