ايف آءِ اي بينڪنگ سرڪل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي بئنڪن مان پئسا ٽرانسفر ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو

ايف آءِ اي بينڪنگ سرڪل ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري جعلي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي بئنڪن مان پئسا ٽرانسفر ڪندڙ 5 ٺڳن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڊائريڪٽر ايف آءِ اي شاهد حيات چيو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ وٽ ٽيڪنالاجي جي کوٽ آهي.

ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊائريڪٽر ايف اي آءِ شاهد حيات چيو ته سائبر ڪرائيم ۾ ملوث 5 جوابدارن نويد، شيراز، شهزور، تيمور، فرحان کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته گينگ وار جي مُک جوابدرن عذير بلوچ جي حوالگي لاءِ ڪاغذي ڪارروائيون پوريون ڪري گهرو وزارت حوالي ڪيو ويو آهن، جنهن تي جلد عملدر آمد شورع ڪيو ويندو.

شاهد حيات چيو ته سائبر ڪرائيمز ۾ ملوث جوابدارن ڪريڊٽ ڪارڊز ذريعي مختلف بئنڪن مان هڪ ڪروڙ 80 لک رپين جي شاپنگ ڪئي.

شاهد حيات چيو ته ڪارروائي دوران گرفتار جوابدارن وٽان ڪريڊٽ ڪارڊ ٺاهيندڙ مشينز ۽ ٻيو سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*