وزيراعظم نواز شريف قومي اسيمبلي اجلاس ۾ حڪومتي وزيرن جي غير حاضري جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

وزيراعظم نواز شريف، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي وزيرن ۽ ميمبرز جي غير حاضري جو نوٽيس وٺندي غير حاضر رهندڙ ميمبرز جي فهرست پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرز ۽ وزيرن جي غير حاضري تي مخالف ڌر جي سخت احتجاج کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف معاملي جو نوٽيس ورتو آهي.

وزيراعظم نواز شريف، پارلياماني معاملن واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته جيڪي وزير ۽ ميمبر ايوان ۾ مسلسل غير حاضر آهن، انهن جي فهرست پيش ڪئي وڃي.

وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته سمورا وزير ۽ ميمبر ايوان جي تقدس جو خيال رکندي حاضر يقيني بڻائين.

واضح رهي ته حڪومتي وزير ۽ ميمبر مسلسل قومي اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر آهن، جنهن تي اپوزيشن پاران سخت احتجاج سامهون آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*