وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقيءَ وارن منصوبن جو جائزو ورتو

Murad-Ali-Shah--1-13816

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقيءَ وارن منصوبن جو جائزو ورتو، وڏي وزير چيو آهي ته امپريس مارڪيٽ، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن کي تاريخي طور تي بحال ڪيو ويندو، جتي پراڻين عمارتن، نيڪاسي ۽ پاڻيءَ جي فراهمي واري نظام کي فعال بڻايو ويندو.

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي وارن منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي.

ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته ڪراچي دنيا جي 140 اهم شهرن مان 134هين نمبر تي آهي، شهرين جي معيار کي هر صورت ۾ بهتر بڻايو ويندو.

وڏي وزير چيو ته ترقياتي منصوبي تحت پاڪستان چوڪ واري علائقي جي 6 اهم گهٽين، امپريس مارڪيٽ، ڪورنگي ۽ ملير ضلعن جي ڀرپاسي وارن علائقن کي تاريخي طور تي بحال ڪيو ويندو.

وڏي وزير چيو ته لاڳاپيل علائقن ۾ پراڻين عمارتن، نيڪاسي ۽ پاڻيءَ جي فراهمي واري نظام جي بهالي، روڊن جي تعمير، قديم تاريخي اسٽريٽ لائيٽس ۽ ويهڻ لاءِ خوبصورت بئنچون لڳايون وينديون.

وڏي وزير چيو ته امپريس مارڪيٽ ۽ ان جي ڀرپاسي 60 پراڻين عمارتن سميت سڄي صدر واري علائقي کي بحال ڪيو ويندو، جن جي منظوري ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر کان ورتي وئي آهي.

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪراچي شهر کي نه رڳو روشنيون واپس ڪرايون وينديون، جتي ڪراچي جو هر شهري فخر ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*