تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته تحريڪ کانسواءِ دنيا جو ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي

khi imran khan

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته تحريڪ کانسواءِ دنيا جو ڪابه قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تعليم بدران ميٽرو ۽ اورنچ لائين تي ڌيان ڏنو پيو وڃي.

پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته سرڪاري اسڪولن جو معيار هٿ وٺي خراب ڪيو ويو  آهي، لکين معصوم ٻارڙا تعليم جي زيور کان محروم آهن.

هن چيو ته وفاقي حڪومت جي بي حسي سبب عوام بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، معيشت جي بهتري جون کوکليون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن.

عمران خان چيو ته خيبرپختونخواهه سرڪار تعليمي نظام بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، تعليم ۽ صحت جي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي.

پي ٽي آءِ سربراهه  چيو ته اورنج لائن ۽ ميٽرو ٽرين منصوبن سان قومون نه ٺهنديون آهن، پي ٽي آءِ تعليم جي بهتري لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*