قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه عمران خان کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ بائيڪاٽ واري فيصلي تي نظرثاني جي تجويز ڏئي ڇڏي

khursheed or atizaz

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه عمران خان کي گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس ۾ بائيڪاٽ واري فيصلي تي نظرثاني جي تجويز ڏئي ڇڏي، خورشيد شاهه چيو آهي ته اجلاس اپوزيشن جي مطالبي تي گهرايو ويو آهي، عمران خان جي بائيڪاٽ سبب سرحد پار سٺو پيغام نه ويندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اپوزيشن جي مطالبي تي گهرايو ويو آهي، جنهن ۾ سموريون پارٽيون شرڪت ڪنديون.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پاران گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جو بائيڪاٽ سمجهه کان ٻاهر آهي، جڏهن ته گذريل ڏينهن وزير اعظم ڪي پي جي وڏي وزير پرويز خٽڪ کي ذاتي طور دعوت ڏئي نيشنل ايڪشن پلان بابت اجلاس ۾ گهرايو هو.

خورشيد شاهه چيو ته گڏيل پارليامينٽ جي اجلاس جي بائيڪاٽ سبب سرحد پار سٺو پيغام نه ويندو، تنهنڪري عمران خان بائيڪاٽ واري فيصلي تي نظرثاني ڪري.

ٻئي پاسي سينيٽ ۾ اپويشن ليڊر اعتزاز احسن چيو ته گڏيل قومن جي ناڪامي سبب ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته حڪومت جي پرڏيهي پاليسي ناقص هئڻ سبب ڪنٽرول لائين تي ڀارت اڳرائيون ڪري رهيو آهي، پاڪستان کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ گهرجي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*