آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪري پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي

army cheif

آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪري پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، جنرل راحيل شريف چيو آهي ته پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ جذبي تي فخر آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف جنرل راحيل شريف 10ڪور هيڊ ڪوارٽر جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس ڪنٽرول لائين جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.

جنرل راحيل شريف چيو ته پاڪ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ جذبي تي فخر آهي، پاڪستان دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو سگهه رکي ٿو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*