پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ڪشمير مسئلي تي متحد آهي

bilawal

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان ڪشمير مسئلي تي متحد آهي، ڪشميري ڀائرن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

پارليامينٽ هائوس ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پ پ پارلياماني پارٽي جو اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه، اعتزاز احسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارليامينٽ ڪنهن جي جاگير ناهي، چونڊيل نمائندا ايوان ۾ عوام جا ڪيس وڙهندا آهن.

هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي شهرين تي ظلم ڪري رهيو آهي، مودي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان جي سياسي قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن هاڻي وزيراعظم جو ساٿ نه ڏنو ويو ته سرحد پار خطرناڪ پيغام ويندو ۽ نتيجا به خراب نڪري سگهن ٿا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*