باقراڻي واسي پورهيت جي چئن سالن جي نياڻي رت جي ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي

bakrani nenger blood

باقراڻي واسي پورهيت جي چئن سالن جي نياڻي رت جي ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي، پورهيت سرندي وارن کي نياڻي جو علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪندي چيو ته هُو غربت سبب ڌيءُ جو علاج ڪرائڻ کان لاچار آهي.

باقراڻي واسي سبزي وڪرو ڪري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت شهمير ڪلهوڙو جي 4 سالن جي نياڻي ڪُبرا بتول رت جي ڪئنسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

پورهيت شهمير ڪلهوڙو ڪي ٽي اين آفيس پهچي ٻڌايو ته سندس چئن سالن جي معصوم نياڻي گذريل ڏيڍ سال کان بيمار رهندي هئي جنهن جو مختلف هنڌن تان علاج ڪرائيندو رهيو.

هن چيو ته ڊاڪٽرن نياڻي جي رت جي چڪاس لاءِ چيو جيڪا ڪرائڻ بعد ڊاڪٽرن کيس بلڊڪئنسر هجڻ جي تصديق ڪئي.

پورهيت جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر نياڻي جو علاج ڪراچي جي خانگي اسپتال مان ڪرائڻ جي صلاح ڏني آهي، پر غربت سبب هُو نياڻي جو علاج ڪرائڻ کان لاچار بڻيل آهي.

پورهيت شهمير ڪلهوڙو سنڌ حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس نياڻي جو علاج ڪرائي ان جي حياتي بچائي وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*