باقراڻي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي 3 مهينن جون پگهارون نه ملي سگهيو آهن

bakrani mulazim

باقراڻي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن کي 3 مهينن جون پگهارون نه ملي سگهيو آهن، ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف 17 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي.

باقراڻي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن خادم حسين کونهارو، منٺار چانڊيو، رضا انڙ، محمد حسن ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙ ٽي ايم اي جي ملازمن چيو ته هُو مسلسل 17 ڏينهن کان احتجاج ڪري رهيا آهن پر اختيارين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.

ٽي ايم اي جي ملازمن چيو ته، سندن پگهارن جا پئسه موجود هجڻ باوجود کين 3 مهينن کان پگهارون جاري نه پيون ڪيون وڃن، جنهن سبب سندن گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال ٿي وئي آهي ۽ لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته پگهارو جاري ڪري سندن پريشاني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت سندن احتجاج جاري رهندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*