والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي

jacobabd pak protest

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت ۽ ڪنٽرول لائين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي.

جيڪب آباد ۾ تحريڪ انصاف جي سڏ تي شهرين ڀارتي جارحيت خلاف ريلي ڪڍي ڀارتي وزير نريندر مودي جي پتلي کي باهه ڏني.

مظاهرين چيو ته ڀارت پنهنجي جنگي جنون سبب بيگناهه ڪشميرين جو رت وهائي رهيو آهي، پر عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي.

هنن چيو ته ڀارتي فوج ڪنٽرول لائين جي خلاف ورزي ڪندي روزانو فائرنگ ڪري رهي آهي، جنهن جو پاڪ فوج پاران منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.

 هنن چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو.

ڀارتي جارحيت خلاف نئون ڪوٽ ۾ آل پبلڪ پرائيوٽ اسڪول جي شاگردن پاران ريلي ڪڍي پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي وئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*