ڪاڇي ۾ حيدرآباد جي ريڊ ٽيم ڪارروائي ڪندي پنجن شڪارين کي سوگهو ڪري 2 باز هٿ ڪري ورتا آهن

johi shikari

ڪاڇي ۾ حيدرآباد جي ريڊ ٽيم ڪارروائي ڪندي پنجن شڪارين کي سوگهو ڪري 2 باز هٿ ڪري ورتا آهن.

 موسم تبديل ٿيندي ئي پنجاب سميت مختلف صوبن کان آيل ڪيترائي شڪاري ڪاڇي ۾ سرعام پکين جو شڪار ڪرڻ ۾ رڌل آهن، پر جهنگلي جيوت کاتي ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.

مقامي ماڻهن جي شڪايت تي حيدرآباد جي ريڊ ٽيم ڪاڇي ۾ ڪارروائي ڪندي پنجن شڪارين کي گرفتار ڪري 2 باز هٿ ڪري ورتا.

ريڊ ٽيم جو چوڻ هو ته گرفتار ڪيل شڪارين کي ڪيس داخل ڪري مٿن غير قانوني طور شڪار ڪرڻ جو ڏنڊ به وڌو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*