قمبر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شهرين انوکو احتجاج ڪندي گڏهه ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو اختيارين خلاف نعري بازي ڪئي

kamber sepco

قمبر ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شهرين انوکو احتجاج ڪندي گڏهه ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو اختيارين خلاف نعري بازي ڪئي.

قمبر ۾ شهرين اسلم تنيو، ايوب شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيپڪو اختيارين خلاف ريلي ڪڍي شهر جي مک چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ شهرين گڏهه ساڻ ڪري ان تي سيپڪو عملدار جو بئنر لکي ان کي شهر جو گشت ڪرايو ۽ گڏهه آڏو لوڊ شيڊنگ ختم ڪيو جا نعرا هنيا.

احتجاج ڪندڙ قمبر جي شهرين چيو ته سيپڪو وارا شهر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ڪاروبار ٺپ ۽ زندگي عذاب بڻجي وئي آهي.

ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ايس ڊي او قمبر معاملي جو تحرڪ ناهي ورتو، لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ بدران رڳو واڌو بل اماڻيا پيا وڃن.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪري واڌو بل واپس ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*