سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري توڙي خانگي اسڪولز ۾ تدريسي نظام کي بهتر بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي

khi cm

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سرڪاري توڙي خانگي اسڪولز ۾ تدريسي نظام کي بهتر بنائڻ تي زور ڀريندي چيو آهي ته تعليمي ايمرجنسي جو مقصد تعليم جي معيار کي بهتر بنائڻ سان گڏ ڪنهن به سبب جي ڪري اسڪول ڇڏي ويندڙ ٻارڙن کي واپس اسڪول وٺي اچڻ به آهي.

سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن بورڊ جو اجلاس وڏي وزير جي صدارت هيٺ سي ايم هائوس ۾ ٿيو، جنهن دوران فائونڊيشن جي ڊائريڪٽر بريفنگ ڏني.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي جو مقصد نه رڳو سرڪاري توڙي خانگي اسڪولز جو نظام بهتر ڪرڻ آهي پر هر ٻار کي اسڪول موڪلڻ پڻ آهي.

وڏي وزير اجلاس دوران هدايت ڪئي ته جيڪي ٻارڙا ڪنهن سبب جي ڪري اسڪول ڇڏي ويا آهن انهن کي به تعليمي زيور سان سينگارڻ لاءِ واپس اسڪول آندو وڃي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*