گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحا لوڌي چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ڪاررواين سبب خطي جو امن خطري ۾ آهي

Maliha-lodhi-2716

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل ميمبر مليحا لوڌي چيو آهي ته ڀارتي فوج جي ڪاررواين سبب خطي جو امن خطري ۾ آهي، عالمي برادري جي اخلاقي حمايت ڪشميرين جو حق آهي، گڏيل قومون ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪن.

نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي ۾ مباحثي دوران ڳالهائيندي مليحه لوڌي چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ هٿين خالي  شهرين تي ظلم ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي فوج جي ڪاررواين سبب خطي جو امن خطري ۾ آهي، ڀارت ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪشمير مسئلو ڪشميرين جي خواهش موجب حل ڪرڻ گهرجي، عالمي برادري جي اخلاقي حمايت ڪشميرين جو حق آهي.

مليحه لوڌي چيو ته ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي، گڏيل قومون ڪشميرين کي حق خود اراديت ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*