سپريم ڪورٽ، ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي

Supreme-Court-18816

سپريم ڪورٽ، ڪوئيٽا سانحي جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ڌرين جا بيان قلمبند ڪري مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي، چيف جسٽس سانحي جي متاثرن کي معاوضو نه ملڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بلوچستان جي وڏو وزير فوري طور پنهنجي اعلانن تي عمل ڪري.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽري جي 3 رڪني بينچ ڪوئيٽا سانحي بابت ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران متاثر ڌر جي وڪيل ٻڌايو ته ڪوئيٽا سانحي ۾ شهيد ٿيل ۽ زخمي وڪيلن کي اڃا تائين معاوضو نه ملي سگهيو آهي، جنهن سبب هو مالي مسئلن جو شڪار آهن.

چيف جسٽس بلوچستان سرڪار تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رماڪس ڏنا ته وڏي وزير متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو، ٻڌايو وڃي ته هيل تائين عملدرآمد ڇو ناهي ٿي سگهيو.

عدالت سانحي جي جاچ لاءِ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميشن ڌرين جا بيان قلمبند ڪري مهيني اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي پابند هوندي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*