سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه جيل پوليس جون پگهارون به سنڌ پوليس برابر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، سکر

Murad-Ali-Shah-Cabnet-9816

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه جيل پوليس جون پگهارون به سنڌ پوليس برابر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، سکر، نوابشاهه، عمر ڪوٽ ۽ مٺي ۾ نوان جيل ٺاهڻ ۽ سموري صوبي ۾ جيلز  جي سڪيورٽي وڌائڻ ۽ قيدين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ جي جيلز جي صورتحال بابت وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران آءِ جي جيلز جي سڪيورٽي ۽ بيرڪس جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني.

وڏي وزير مراد علي شاهه جيل پوليس جون پگهارون سنڌ پوليس برابر ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وڏي زير ڪراچي سينٽرل جيل، لاڙڪاڻو ۽ بدين جيلز  ۾ ترقياتي ڪمن جي سستي رفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪم جلد مڪمل ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو.

وڏي وزير سکر،نوابشاهه، عمر ڪوٽ ۽ مٺي ۾ نوازنجيل قائم ڪري پراڻن جيلز کي عورت قيدين لاءِ مخصوص ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*