نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل ۾ داخل هاف فرائي ٿيل جوابدار محمد بخش بروهي کي ڊاڪٽرن جي مشوري باوجود علاج لاءِ ڪراچي نه موڪليو ويو آهي

nawabshah

نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل ۾ داخل هاف فرائي ٿيل جوابدار محمد بخش بروهي کي ڊاڪٽرن جي مشوري باوجود علاج لاءِ ڪراچي نه موڪليو ويو آهي، جنهن سبب مريض زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي بيٺل آهي.

نوابشاهه اسپتال ۾ داخل جوابدار محمد بخش بروهي جي ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب سندس رڳ ڪٽجي وئي آهي، ڊاڪٽرن پوليس کي مشورو ڏنو ته مريض جو ڪراچي مان علاج ڪرايو وڃي پر مريض کي هفتو گذرڻ باوجود ڪراچي منتقل نه ڪيو ويو آهي.

 زخمي محمد بخش بروهي ٻڌايو ته شاهه پور چاڪر پوليس هڪ هفتو اڳ ڳوٺ يارو ڏاهري مان صبح جو 8 وڳي گرفتار ڪري   مقصودي رند لنڪ روڊ تي گوڏي ۾ گولي هڻي زخمي ڪيو هو، پوليس علاج ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي.

شاهه پور چاڪر جي ايس ايڇ او محمد شريف جمالي ٻڌايو ته قيدي جي رمانڊ جو مسئلو آهي، رمانڊ ملڻ بعد مريض کي علاج لاءِ  ڪراچي نيو  ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*