ٺل ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

thul  loadsheding

ٺل ۾ بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بلن خلاف شهر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو.

مختلف سياسي سماجي تنظيمن ابراهيم ڪنڊراڻي، اصغر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو  گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ روزانو 16 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن ڪري رهواسي عذاب ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ باوجود واڌو بل اماڻيا پيا وڃن، جيڪا شهرين سان نا  انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بلن  ڊٽيڪشن درست ڪري اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*