نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ داخل قيدي 45 ورهين جي ربنواز کوسي چيو آهي

nawabshah qedi

نوابشاهه جي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي هڏن واري وارڊ ۾ داخل قيدي 45 ورهين جي ربنواز کوسي چيو آهي ته کيس قتل جي ڪيس ۾ بيگناهه ڦاسايو آهي، انصاف ڪيو وڃي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي قيدي ربنواز کوسي چيو ته هو پرائمري ماستر آهي، هو ۽ سندس ٻه پٽ گيلو ۽ سرفرار کوسو قتل جي ڪيس ۾ بيگناهه قيد ڪٽي رهيا آهيون.

هن چيو ته جيل ۾ پير ترڪڻ سبب ڄنگهه ڀڄي پئي آهي، ان ڪري کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته کيس ۽ پٽن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*