باقراڻي ۾ ڳيريلو واسڻ عورت احتجاج ڪندي چيو آهي ته مڙس کيس بد پيشي لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

bakrani orat

باقراڻي ۾ ڳيريلو واسڻ عورت احتجاج ڪندي چيو آهي ته  مڙس  کيس بد پيشي لاءِ  مجبور ڪري رهيو آهي، جوابدار خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ڳيريلو واسڻ عورت زاهده ابڙو پنهنجي ڀيڻ شاهل خاتون ۽ ڀاءُ اعجاز ابڙو سميت پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

عورت ميڊيا آڏو دانهندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ سندس لاڙڪاڻي جي رهواسي علي محمد چانڊيو سان شادي ٿي هئي، جيڪو کيس تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو.

هن چيو ته جوابدار مڙس کيس بد پيشي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن جو انڪار ڪرڻ تي هو هاڻ مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندي نامعلوم جوابدارن ذريعي هراسا ڪيو آهي.

عورت پوليس جي اعليَٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار مڙس خلاف ڪارروائي ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*