سکر ۾ نيب عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف ۾ ايريگيشن متحده فيڊريشن جي سڏ تي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

suk pro

سکر ۾ نيب عملدارن جي مبينا زيادتين خلاف ۾ ايريگيشن متحده فيڊريشن جي سڏ تي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

محمد اعظم مڱڻيجو ، خادم کوسو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملازمن پريس ڪلب آڏو احتججاجي مظاهرو ڪيو، ان دوران ميونسپل ڪارپوريشن جا ملازم به يڪجهتي طور احتجاج ۾ شريڪ ٿيا.

مظاهرين چيو ته نيب عملدارن کي ڪرپشن خلاف جاچ ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي، پر  کين ڪنهن به عملدارن سان بدتميزي ڪرڻ جو اختيار ناهي.

هنن چيو ته نيب عملدارن پريالوءِ  جي ايريگيشن آفيس ۾ داخل ٿي ملازمن سان بد ڪلامي ڪئي، پر ان جو اختيارين نوٽيس ناهي ورتو.

هنن مطالبو ڪيو ته نيب عملدارن کي ٻين کاتن جي ملازمن سان بدتميزي ڪرڻ کان روڪي صرف ڪرپشن لاءِ جاچ ڪرڻ جو باند بڻايو وڃي………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*